ڀارت ۾ ورھاڱي کان پوءِ جون بھترين سنڌي ڪھاڻيون

ڀارت ۾ ورھاڱي کان پوءِ جون بھترين سنڌي ڪھاڻيون (ڪتاب ):ھن عنوان سان چئن جلدن ۾ ڪتاب ڇپيل آھي، جنهن جا چونڊ ڪندڙ ايڊيٽر: (1) گوبند مالھي (2) ڪرشن راھي (3) موھن ڪلپنا، (4) گنو سامتاڻي رهيا، جڏهن ته جنرل ايڊيٽر لعل پشپ رهيو آھي. چار ئي جلد ڪرائون سائيز ۾ آھن. ترتيبوار جلد (1) ۾ 138 صفحا، جلد (2) ۾ 136 صفحا، جلد (3) ۾ 137 صفحا ۽ جلد (4) ۾ 102 صفحا آھن. سال76- 1975ع ۾ ھيءُ چار ئي جلد ڇپجي پڌرا ٿيا آهن. هنن چئن جلدن ۾، لعل پشپ جون چار ڪھاڻيون، ’فرض‘، ’ٻڌيمان‘، ’قرض جي درخواست‘ ۽ ’روشنيءَ جو گم ٿيل ٽڪرو‘؛ موھن ڪلپنا جون ’تپسيا‘، ’پٿر جو دشمن‘ ۽ ’ھلندڙ بس مان ڪريل ماڻھو‘ شامل آھن؛ ٻيا ڪھاڻيڪار سڳن آھوجا، ڪيرت ٻاٻاڻي، ڪرشن کٽواڻي، ايشور چندر، ڪلا پرڪاش، ايشور آنچل، آنند کيماڻي ۽ ھريش واسواڻي آھن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو